ڪراچي(رپورٽر)گذريل ڏينهن واري وڏي گهٽتائي کان پوءِ، اڄ سوني جي في تولا قيمت ۾ ٻيهر واڌ ٿي آهي،آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ سوني جي في تولا قيمت 3700 رپيا واڌ سان 3 لک 44 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي،ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ 10 گرام سوني جي قيمت به 3173 رپيا واڌ سان 2 لک 95 هزار 96 رپيا ٿي چڪي آهي، ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سوني جي قيمت 37 ڊالر واڌ کان پوءِ 3258 ڊالر في اونس تي پهچي وئي آهي.