رياض چانڊئي جو لشڪري رئيساڻي سان رابطو، جدوجهد ۾ ساٿ جو اعلان

حيدرآباد )پ ر )  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي بلوچستان جي سينئر سياستدان لشڪري رئيساڻي سان رابطو ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي  وسيلن  جي تحفظ ۽ قومي حقن لاءِ ٿيندڙ  جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ جو اعلان ڪيو آھي، رياض چانڊئي رابطو دوران بلوچستان ۽ سنڌ جي  قدرتي وسيلن تي قبضا گيري ۽ لُٽمار تي  ڳڻتي جو اظھار ڪيو، جنهن تي  نوابزادہ حاجي لشڪری رئيساڻي قوم پرست قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو ته گڏيل جدوجهد ڪرڻ  وارو عمل بهتر آھي، بلوچستان ۽ سنڌ مٿان مسلط ڊمي  اسيمبلين جي وسيلي  جعلي قانون سازي سان سنڌي ۽ بلوچن جي ايندڙ نسلن، جي اميد ۽ خوشحالي کسي ڇڏي آھي، گڏيل جدوجهد سان انهن جو رستو  نه روڪيو ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ڪنٽرول نه ڪيو ته ايندڙ نسلن جي  وقار، عزت، ناموس ۽ ترقي جو راستو  روڪيو ويندو ۽  اسان جا ايندڙ نسل خوشحال ۽  باوقار زندگي کان  محروم ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.