روس افغانستان جي طالبان سرڪار کي تسليم ڪندڙ پھريون ملڪ

دنيا بدلجي رھي آھي. ڪنھن وقت  افغانستان جا جھادي روس جي لاءِ دھشتگرد ھئا ۽ بعد ۾ طالبان آمريڪا لاءِ دھشتگرد ھئا.پر نئين منظرنامي ۾ روس توڻي آمريڪا انھن سان بھتر لاڳاپا رکڻ چاھين ٿا.

جيتوڻيڪ ڪجهه ملڪن جا سفير ھن وقت افغانستان جي طالبان حڪومت سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آھن.پر روس دنيا جو پھريون ملڪ آھي، جنھن سرڪاري طور تي افغانستان کي تسليم ڪري ورتو آھي.روس افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي باضابطه طور تي تسليم ڪندڙ  پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. رائٽرز جي رپورٽ موجب افغانستان لاءِ روس جي خاص نمائندي، ضمير ڪابلوف جو چوڻ آھي تھ حڪومت طالبان کي "تسليم” ڪري ڇڏيو آهي.ڪابل پاران نئين سفير جي سنَد قبول ڪرڻ کان پوءِ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ روسي پرڏيهي وزارت چيو آھي ته هي قدم ٻه طرفي سھڪار بھتر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو.

افغان پرڏيهي وزارت، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي روسي سفير جي افغان پرڏيهي وزير سان ملاقات جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته روسي سفير دمتري زرنوف اسلامي امارت افغانستان جي پرڏيهي وزير مولوي امير خان متقي سان ملاقات ڪئي. جنھن ۾ روسي سفير سرڪاري طور تي پنهنجي حڪومت طرفان افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو.ڪنهن به ٻئي ملڪ اڃا تائين باضابطه طور تي طالبان حڪومت کي تسليم نه ڪيو آهي، جيڪا آگسٽ 2021 ۾ اقتدار ۾ آئي هئي. ان کان اڳ  آمريڪا جي اڳواڻي ۾ اتحادي فوج 20 سالن تائين جنگ ڪئي ۽ جنھن کانپوءِ آمريڪا جنگ کي بي نتيجا ڇڏي واپس ھليو ويو ھو.

جيتوڻيڪ ھن وقت بھ  چين، گڏيل عرب امارات، ازبڪستان ۽ پاڪستان  جھڙن ملڪن جا ڪابل ۾ سفير مقرر ٿيل آهن، پر انھن سرڪاري سطح تي افغانستان جي طالبان  حڪومت کي تسليم نھ ڪيو آھي.عالمي ميڊيا موجب روسي قدم طالبان انتظاميا لاءِ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيندو.،جنھن سان نھ رڳو افغانستان جي  عالمي اڪيلائي ختم ٿيندي بلڪھ ان سان ٻيا ملڪ بھ ان طرف ايندا.هن روس جي افغانستان کي تسليم ڪرڻ واري عمل کي واشنگٽن  خاص ڌيان سان ڏسي رھيو آھي. آمريڪا افغان مرڪزي بينڪ ۾ پيل افغانستان جا اربين ڊالر منجمد ڪري ڇڏيا آهن ۽ طالبان جي ڪجهه اعليٰ اڳواڻن تي پابنديون بھ  لاڳو ڪيون آهن، جنهن سان افغانستان جي بينڪنگ سسٽم کي عالمي مالياتي نظام کان وڏي حد تائين ڪٽي ڇڏيو آهي

.اپريل ۾2025 ۾ روس جي اعليٰ ترين عدالت افغان طالبان تي پابنديون  ختم ڪيو ھيون ۽ طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍيو ويو ھو. ان وقت ماسڪو  جو چوڻ ھو تھ اھو طالبان سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي طرف هڪ قدم کڻي رھيو آھي.تازو، ٻنهي جي وچ ۾ گڏيل سيڪيورٽي مفادن، خاص طور تي داعش خراسان  خلاف جنگ، روس ۽ طالبان کي ويجهو آندو آهي.افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي ان عمل  چيو ته روس جو سندس حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو هڪ "جرئتمنداڻو قدم” هو.پرڏيهي وزير  اھا اڳالھھ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس لکي آھي.جتي ھن روسي سفير دمتري زرنوف سان پنهنجي ملاقات جي هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي آھي.روس طالبان کي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين دهشتگرد تنظيم جي فھرست ۾ شامل رکيو ھو.2003  ۾ روس طالبان کي هڪ دهشتگرد تحريڪ قرار ڏنو ھو.

مارچ 2024 ۾ ماسڪو جي ٻاهران هڪ ڪنسرٽ هال ۾ هٿياربندن 145 ماڻهن کي قتل ڪيو ھو. جنھن جي ذميواريٰ  اسلامي رياست گروپ پاران قبول  ڪئي وئي هئي. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن وٽ انٽيليجنس آهي ته اسلامي رياست خراسان صوبي جي افغان شاخ  ان جي ذميوار هئي.طالبان جو چوڻ آهي ته اهي افغانستان ۾ اسلامي رياست جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.بي بي سي فارسي جي رپورٽ موجب، روسي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ‘اسان کي يقين آهي ته افغانستان جي اسلامي امارت کي باضابطه طور تي تسليم ڪرڻ جو قدم مختلف شعبن ۾ اسان جي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعميري سھڪار  جي عمل کي تيز ڪندو.’

روس جو هي قدم اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن اولھھ  جي سفارتڪارن اهو واضح ڪيو آهي طالبان حڪومت پاران عورتن جي حقن کي تسليم ڪرڻ تائين  طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو رستو بند آهي.افغانستان ۾ ٻيهر حڪومت  قائم ٿيڻ بعد طالبان عورتن تي ڪيتريون ئي پابنديون لاڳو ڪيون آهن. عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڪم ڪرڻ يا پڙهڻ جي اجازت ناهي ۽ انهن کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ  بھ محرم جي ضرورت آهي، روس ڪيترن ئي شعبن ۾ طالبان جي مدد ڪندو، روسي پرڏيهي وزارت چيو آھي تھ اهو قدم ڪابل کي دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ سان منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندو، جڏهن ته معاشي سھڪار کي به هٿي ڏيندو.طالبان اڳ ۾ 1996 کان 2001 تائين افغانستان تي حڪومت ڪئي. جڏهن تھ انهن کي صرف سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان تسليم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.