اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عاشورن موقعي تي 5 ۽ 6 جولاءِ تي سرڪاري موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪبينا ڊويزن طرفان 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، موڪلن جو اعلان وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موڪلون هفتي ۾ 5 ۽ 6 ڏينهن ڪم ڪندڙ هڙني سرڪاري آفيسن تي لاڳو هونديون.
You might also like