سيئول (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري ايشيائي يوٿ گرلس نيٽ بال چيمپيئن شپ جي پليٽ ڊويزن ڪپ جي فائنل ۾ مالديپ کي مات ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.
فائنل ۾ پاڪستان مالديپ خلاف 35 جي مقابلي ۾ 60 گولز سان واضح سرسي حاصل ڪئي.
واضح رهي ته پاڪستان پليٽ ڊويزن ڪپ ۾ سڄي چيمپيئن شپ دوران ناقابل شڪست رهيو ۽ فائنل سميت لڳاتار ست ميچن ۾ فاتح رهيو، جڏهن ته فائنل جي ڪنهن به ڪوارٽر ۾ مالديپ کي سرسي حاصل ڪرڻ نه ڏني.
ايشيئن چيمپيئن شپ ۾ 11 ٽيمن حصو ورتو، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو هو.
گروپ اي کي گولڊ ڪپ ڊويزن جو درجو ڏنو ويو.
گروپ-اي ۾ ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا، هانگ ڪانگ ۽ ڀارت جون ٽيمون شامل هيون، جڏهن ته گروپ-بي ۾ چائنيز تائپئي، جپان، ڪوريا، پاڪستان، مالديپ ۽ سعودي عرب جي ٽيمون موجود هيون.
پاڪستان ناقابلِ شڪست، آخري دنگل ۾ ملديپ کي مات ڏئي ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي
Prev Post
You might also like