راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني 10 محرم کانپوءِ تحريڪ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته 27 هين ترميم بدران سڌو بادشاهت قائم ڪري ڇڏيو، غلامي کان جيل ۾ رهڻ بهتر آهي، عوام پنهنجي آزادي لاءِ ٻاهر نڪري.
عليما خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جيل اندر جيڪا سزا ڀوڳي آهي اها سندس مخالف سوچي به نٿا سگهن.
هن ٻڌايو ته عمران خان ٻاويهه ڪلاڪ سيل ۾ هوندو آهي، کيس رڳو ٻن ڪلاڪن لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جون سڀ جيل اندر هڙئي سهولتون ختم ڪيون ويون آهن، کيس پنهنجي ٻارن سان ڳالهائڻ جي اجازت ناهي، ڪتاب به نٿا ڏين.
هن هن دعويٰ ڪئي ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ ته ريسٽ هائوس ۾ رهندا هئا، جتي سڀ سهولتون موجود هيون، نواز شريف کي ته گهران کاڌو ايندو هو، سوين ماڻهو ملاقات لاءِ ايندا هئا.
عليما خان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت آهي ته 10 محرم کانپوءِ پارٽي تحريڪ شروع ڪري ۽ ان حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
You might also like