ڀارتي رويي ۾ اوچتو تبديلي، پاڪستان کي ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي

ڀارت (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم جي شرڪت بابت ڀارتي ميڊيا مان هاڪاري خبرون اچي رهيون آهن.
ڪالهه تائين ڀارتي ميڊيا ۾ پاڪستان بنا ٽورنامينٽ ڪرائڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون، پر هاڻي ڀارتي حڪومت طرفان پاڪستاني ٽيم کي شرڪت جي اجازت ڏيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن.
ايشيا ڪپ هاڪي 27 آگسٽ کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري پهريان چيو پئي ويو ته پاڪستان کي ايونٽ ۾ شرڪت جي اجازت نه ملندي، پر هاڻي ڀارتي رويي ۾ اوچتو تبديلي آئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي راندين واري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي شرڪت کان نه روڪيو ويندو ، ڀارت بين الاقوامي راندين جي مقابلن ۾ پاڪستان جي خلاف نه آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن وچ ۾ جنگ هوندي به اسپورٽس مقابلا جاري رهندا آهن.
هڪ ٻي ڀارتي اخبار موجب، ڀارتي پرڏيهي ۽ گهرو وزارت پاڪستان جي شرڪت لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن اڳ ئي ايونٽ ۾ شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط قرار ڏئي چڪي آهي.
هينئر تائين پاڪستان حڪومت طرفان رسمي طور تي ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.