اسلام آباد(م ڊ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي حڪومت جي قيام لاءِ وزيراعظم کي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته قومي حڪومت ٺاهڻ جي معاملي کانسواءِ هن حڪومت سان ڪا به ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي، هن وقت هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ جو نه، پر قوم جي اتحاد ۽ يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان جي ڳالهين کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو، هاڻ هي حڪومت آئين جون ڌڄيون اڏائي رهي آهي، ملڪ کي بچائڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ ضروري آهي ۽ حڪومت کي گهرجي ته هو قومي حڪومت جي تجويز تي غور ڪري، هن چيو ته شهباز شريف منهنجو دوست آهي، پر منهنجي سخت ڳالهين تي ناراض ٿي وڃي ٿو، ماڻهن کي پيسن ۽ بندوق جي زور تي ڪنٽرول ڪري حڪومت ٺاهي وئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر جانبدار آهي، اسپيڪر چوي ٿو ته جاسوسي ادارن کي هر ڪنهن جي ڪال ٽيپ ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جيڪو سراسر آئين جي ابتڙ آهي، موجوده حالتن ۾ خاموش ويهڻ مجرماڻي غفلت هوندي، هاڻ وقت آهي ته قوم متحد ٿي آئين جي حفاظت لاءِ قدم کڻي.