”هائبرڊ نظام“پي ٽي آءِ دور ۾ ناڪام ۽ شهباز قيادت ۾ ڪاميابي سان هلي پيو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي خلاف آهن، مونکي ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي، سڀ ڳالهيون اتفاقِ راءِ سان طئي ٿينديون آهن، مون سياسي اسٽيبلشمنٽ ۽ ملٽري اسٽيبلشمنٽ جي وچ ۾ اتفاقِ راءِ کي هائبرڊ سسٽم قرار ڏنو آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ اهو هائبرڊ سسٽم ڪاميابي سان هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ هائبرڊ سسٽم جي ناڪاميءَ جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ۽ اها ناڪامي ان ڪري ٿي جو انهن جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ هئي، هو هڪ ٻئي تي اعتماد ئي نٿا ڪندا هئا، جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ميزبان حامد مير سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جون صلاحيتون اڳ ئي پرکي ڇڏيون آهن، ڀارت وٽ پهلگام واقعي بابت پاڪستان خلاف ڪا به ثابتي موجود ناهي، افغانستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جا ثبوت افغان حڪومت کي مهيا ڪيا ويا آهن، انهن کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته پنهنجي سرزمين تي موجود دهشت گردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ بانيءِ صدر وٽ ويو ۽ چيو ته هو چاهين ٿا ته جنرل باجوه کي سڄي عمر لاءِ آرمي چيف بڻايو وڃي، هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ۾ پيپلز پارٽي سان سٺو تجربو رهيو آهي، هاڻي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو پيپلز پارٽي کي ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.