لاهور(بيورو+م ڊ) ريلوي اختيارين چيو آهي ته ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سبب ٽرينن جي ڪرائن ۾ واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي، ريلوي اختيارين موجب ڊيزل مهانگو ٿيڻ ڪري ريلوي کي مالي طور تي سخت نقصان پهچي رهيو آهي،جيڪو بار مسافرن ۽ مال بردار ٽرينن تي وجهڻو پوندو،اختيارين ٻڌايو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مسافر ٽرينن تي گهٽ ۽ مال بردار ٽرينن تي وڌيڪ بار وڌو وڃي، ريلوي جي خصوصي ڪميٽي جلد فيصلو ڪندي ته ڪرائي ۾ ڪيتري واڌ ڪئي ويندي،ريلوي اختيارين مطابق 18 جون تي مسافر ٽرينن جي ڪرائي ۾ 3 سيڪڙو ۽مال بردار ٽرينن جي ڪرائي ۾ 4 سيڪڙو واڌ اڳ ۾ ئي ڪئي وئي هئي.