ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پاران آمريڪا جو دورو

راولپنڊي(م ڊ)پاڪستان فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سرڪاري دوري تي آمريڪا پهتو، جتي هن آمريڪي عسڪري ۽ سياسي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون، آءِ ايس پي آر موجب، هي گذريل ڏهه سالن کان پوءِ پهريون دورو آهي جيڪو ڪنهن حاضر سروس پاڪستاني ايئر چيف پاران آمريڪا ڪيو ويو آهي، هي اعليٰ سطح وارو دورو پاڪ-آمريڪا دفاعي سهڪار جي حوالي سان هڪ اهم اسٽريٽجڪ سنگ ميل ثابت ٿيو، جنهن سان علائقائي ۽ عالمي سلامتيءَ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ سان گڏوگڏ ادارن جي وچ ۾ لاڳاپا به وڌيڪ مضبوط ٿيا، دوري دوران ايئر چيف مارشل پينٽاگون ۾ سيڪريٽري آف دي ايئر فورس (انٽرنيشنل افيئرس) مس ڪيلِي ايل سيبولٽ ۽ چيـف آف اسٽاف آف دي يو ايس ايئر فورس جنرل ڊيـوڊ ڊبليو آلوِن سان ملاقاتون ڪيون انهن ملاقاتن ۾ ٻه طرفي فوجي سهڪار کي وڌائڻ، فضائي فورسز جي گڏيل آپريشن جي سگهه وڌائڻ ۽ گڏيل تربيتي ۽ ٽيڪنالاجي جي تبادلي جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل جو دورو هڪ اسٽريٽجڪ سنگ ميل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.