لاهور(م ڊ) پنجاب جي صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سڀني وڏن درياهن ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ بابت خبرداري جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 جولاءِ کان سڀني وڏن درياهن ۽ انهن سان لاڳاپيل واهن ۽ نالن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ هو ته 6 جولاءِ کان پنجاب ۾ چوماسي جي زورائتي برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ اوچتي ٻوڏ جو خطرو به آهي. ترجمان ٻڌايو ته چوماسي جي برساتن سبب وڏن شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو به انديشو آهي، جڏهن ته مري ۽ گليات جي علائقن ۾ برف جون ڇپون ڪرڻ جا امڪان آهن. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيو صوبي جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.