ڪوئيٽا(م ڊ) جمعيت علما اسلام (ف) بلوچستان اسيمبلي مان منظور ڪيل مائنز اينڊ منرل ايڪٽ خلاف بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، هيءَ درخواست پارٽي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي هدايت تي سينيٽر ڪامران مرتضى ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي وئي، درخواست ڏيندڙن ۾ جي يو آءِ بلوچستان جو امير مولانا عبدالواسع ۽ سينيٽر ڪامران مرتضى شامل آهن، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، مولانا عبدالواسع ۽ ڪامران مرتضى چيو ته مائنز اينڊ منرل ايڪٽ خلاف هر سطح تي آواز اٿاريو ويندو، ڇو ته هن ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ سان بلوچستان جا ماڻهو پنهنجي ئي وسيلن کان محروم ٿي ويندا، اميد آهي ته عدالت بلوچستان جي عوام جي مفادن جو تحفظ ڪندي.
-
ماهه رنگ بلوچ جي مقبوليت قوم پرستن لاءِ وڏو چئلينج آهي:جان محمد بليدي
ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)نيشنل پارٽي جي سينيٽر جان محمد بليدي چيو آهي ته ماه رنگ بلوچ جي مقبوليت قوم پرست سياسي ڌرين لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهي آهي. سندس پرامن جدوجهد ۽ عوامي حمايت سياسي نقشي کي بدلائي رهي آهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته وفاق ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ان ڪري آهي ته وفاق وسيلن تي ڪنٽرول رکي ٿو، جڏهن ته بلوچ عوام کي نظرانداز ڪيو ويو آهي،هن چيو ته مائنز اينڊ منرلز بل تي نيشنل پارٽي ۽ لشڪري رئيساڻي جي راءِ ملندڙ جلندڙ آهي يعني بلوچستان جي حقن لاءِ گڏيل موقف آهي،ان بل خلاف اسان ۽ رئيساڻي عدالت ۾ وينداسين،اختر مينگل ۽ ماهه رنگ بلوچ جيڪا به سياسي تحريڪ هلائين ٿا ته اسان انهن جي حمايت ڪندا آهيون، ماه رنگ جي جدوجهد کي اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي،هن سياست ۾ سخت موقف رکيو آهي هن کي آئين کان هٽي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي،،ماڻهن ۾ مايوسي آهي،جمهوري سطح تي مسئلن جو حل نه پيو نڪري ،هن چيو ته بلوچ نوجوانن ۾ ڪاوڙ جا بنيادي سبب موجود آهن،هڪ سياسي ۽ معاشي به آهن،انهن جي مطالبن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، اهي سمجهن ٿا ته اسان پاڪستان ۾ برابر جا شهري ناهيون، هن چيو ته بلوچستان جا جيڪي به مسئلا آهن اهي اسان سياسي طور تي حل ڪرڻ چاهيون ٿا،سياسي جماعتن لاءِ رستا سوڙها ڪيا ويا آهن،سنڌ ۽ ڪي پي جي قوم پرستن جو اتحاد اڻٽر آهي،جيڪڏهن اهي اتحاد نه ڪندا ته پنهنجو نقصان ڪندا،بلوچستان ۾ مائنز اينڊ منرلز بل ۾ اسان سان دوکو ڪيو ويو،اسيمبلي ۾ پ پ ۽ ن ليگ پنهنجي ڏڍ تي ڪا به قانون سازي ڪري سگهن ٿيون،ٻنهي پارٽين ۾ اڍائي اڍائي سال حڪومت ڪرڻ جو معاهدو ٿيل آهي،نيشنل پارٽي حڪومت ۾ شامل نه ٿيندي،نه ئي ڊاڪٽر مالڪ بلوچ وڏوزارت جو عهدو قبول ڪندو،هن چيو ته جڏهن نئين اليڪشن ٿيندي،اسيمبلي ۾ سياسي ماڻهو ايندا ته پوءِ بلوچستان مسئلن جي حل جي ڪوشش ڪئي ويندي،
-
مائنز منرلز بل خلاف سنڌ جا ماڻهو بلوچستان سان گڏ بيهن: لشڪري رئيساڻي
ڪراچي (رپورٽر) بلوچستان جي قوم پرست اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر نوابزاده لشڪري رئيساڻي مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ کي قومي وسيلن تي ڌاڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته هن ڦرلٽ کي روڪڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو بلوچستان جي عوام جي آواز سان پنهنجو آواز ملائين، جيئن بلوچستان جي باشعور سياسي قيادت ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ سنڌ جو ساٿ ڏنو هو، ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ سينيئر صحافين سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي هن چيو ته جيئن سنڌ جي بقا سنڌو درياهه ۾ آهي، اهڙيءَ ريت بلوچستان جي ماڻهن جي بقا انهن جي معدني وسيلن ۾ آهي، اڄ جڏهن بلوچستان جي ماڻهن تي مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ جي ذريعي قبضي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ته اسان کي به اميد آهي ته سنڌ جا دانشور، تعليم يافته سياسي ڪارڪن هن ايڪٽ خلاف بلوچستان جي ماڻهن جي آواز سان پنهنجو آواز ملائيندا ۽ گڏيل جدوجهد ذريعي بلوچستان کي هن بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪندا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي جماعتن پنهنجي صفن ۾ سياسي ڪارڪنن جي جاءِ تي اسٽيبلشمينٽ جي نور نظر ماڻهن کي شامل ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قومي بحرانن ۾ واڌارو ٿيو آهي، هن چيو ته سياسي جماعت سنڌ جو پاڻي چولستان کي وڪرو ڪيو، ساڳي جماعت بلوچستان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ جعلي حڪومت کي صوبي تي مڙهيو آهي، سنڌ مان معدنيات، گئس ۽ پيٽرول نڪري رهيو آهي، پر حڪمران طبقن پنهنجا قومي اختيار ۽ ايندڙ نسلن جا وسيلا وڪڻي سنڌ جي ماڻهن کي محروم رکيو آهي.