اسٽاڪ ايڪسچينج ۾زبردست واڌ،انڊيڪس1 لک 30 هزار جي حد پار ڪري ويو

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين مالي سال جي ٻئي ڏينهن به تيزي جو سلسلو جاري رهيو، 100 انڊيڪس تاريخي واڌ ڪندي 1 لک 30 هزار جي سطح پار ڪري ڇڏي، جڏهن ته گذريل 4 ڏينهن دوران انڊيڪس ۾ 8 هزار 250  پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي، بازار ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به هڪ ارب کان وڌيڪ شيئرز جي خريد و فروخت ٿي، ڪاروباري ڏينهن دوران انڊيڪس 1 لک 30 هزار 545 پوائنٽن جو نئون رڪارڊ به قائم ڪيو.

  • عارف علوي جي بئنڪ اڪائونٽن کي منجمند ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ ۾ اڳوڻي صدر پاڪستان عارف علوي جي بينڪ اڪائونٽن کي منجمند ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرايو، سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدارن  جاچ ۾ پيش نه پيا ٿين، ٻه ڀيرا نوٽيس جاري ڪيا ويا پر ڪو  به پيش نه ٿيو، سرڪاري وڪيل چيو ته عدالت اڳ ئي عبوري رليف تحت درخواستگذار کي ڏهه لک رپيا اڪائونٽ مان ڪڍڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي، سرڪاري وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي ته جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ کان استثنا ڏني وڃي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي آگسٽ جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • ڪراچي ۾ 13 ڪروڙ رپين جو ڌاڙو هڻندڙ ٽڪ ٽاڪر ڀاءُ ۽ ڀينر عدالت ۾ پيش

ڪراچي(رپورٽر) 13 ڪروڙ روڪ رقم، سون، موبائل فونز ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ واري ڪيس ۾  گرفتار ڪيل چار جوابدار جوڊيشل ميجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، پوليس چيو ته گرفتار جوابدارن 26 تاريخ تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جو ورديون پائي ڪري فيروز آباد واري علائقي ۾ گهر مان 13 ڪروڙ روڪ رقم، سون ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو هو، گرفتار جوابدارن ۾ ٽڪ ٽاڪر نمرا شاهه، يسري’، شهروز ۽ شهريار شامل آهن، ڪيس ۾ ملوث ٻه جوابدار فرار آهن، جن کي گرفتار ڪرڻو آهي، گرفتار جوابداره نمرا شاهه عدالت کي ٻڌايو ته هن تي سخت تشدد ڪيو ويو آهي،عدالت چيو ته توهان جي جسم تي ته تشدد جا ڪي به نشان موجود ناهن، عدالت جوابدار نمرا شاهه جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،عدالت جوابدارن جو چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

  • ناظم آباد واسي شهري پاران مختيارڪار خلاف عدالت ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم آباد جي رهواسي پاران مختيارڪار ناظم آباد خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته مختيارڪار سرڪاري  ذميواري نڀائڻ بدران رهواسين جي پنهنجي خرچ تي ٺهيل گهٽي کي به ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، درخواست گذار جي وڪيل عرفان عزيز عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته ناظم آباد ۾ آفيس جي سامهون گهٽي اسان پنهنجي خرچ تي مرمت ڪري ٺاهي آهي، جڏهن ته پاڙي وارا مالي طور تي تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، سرڪار پاڻ گهٽي نٿي ٺاهي، پر هاڻ مختيارڪار چوي ٿو ته گهٽي مڪمل ٺاهيون، نه ته اها به ٽوڙي ويندي، عدالت مختيارڪار ناظم آباد سميت ٻين فريادي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي، 14 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

  • غزا جنگ بندي لاءِ ٽرمپ جي تجويزن جو جائزو وٺي رهيا آهيون:حماس

غزا (م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس چيو آهي ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل جنگ بندي واري تجويز جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهن، تنظيم  واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگ بندي جو ڪو به معاهدو طئي ٿئي ٿو ته ان تحت اسرائيل کي غزا مان مڪمل نڪرڻو پوندو، ٻئي پاسي، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو اعلان ڪيو آهي ته حماس کي غزا مان مڪمل طور ختم ڪيو ويندو، هتي ‘حماستان’ جهڙي ڪا شي نه رهندي، ٽرمپ جي دعويٰ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن دعويٰ ڪئي هئي ته اسرائيل جنگ بندي جي لاءِ ضروري شرطن کي قبول ڪري ورتو آهي، هن چيو ته سندن نمائندن ۽ اسرائيلي اختيارين جي وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن مان اها اڳڀرائي ممڪن ٿي، حماس رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مصر ۽ قطر جي ٽياڪڙي جي ذريعي کين نئين جنگ بندي تجويزون مليون آهن، تنظيم انهن تجويزن جو غور سان جائزو وٺي رهي آهي.

  • ڪلفٽن ۾ پوليس آفيسر جي پٽ جي ڪار جي ڊرفٽنگ جي سي سي ٽي وي وڊيو وائرل

ڪراچي (رپورٽر)ڪلفٽن جي علائقي ۾ ڪار جي خطرناڪ ڊرفٽنگ جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا آهن، جيڪا اعليٰ پوليس آفيسر جي پٽ جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي،وڊيو ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته گاڏي تيزيءَ سان ڊرفٽنگ ڪندي ٽريفڪ جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، جنهن سبب آس پاس موجود ٻيون گاڏيون ٽڪرائجڻ کان مشڪل سان بچيون آهن، گاڏي تي غير قانوني فئنسي نمبر پليٽ به لڳل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پوليس ذريعن مطابق اها گاڏي ڊي آءِ جي شوڪت علي ڪٺيان جي پٽ حنين شوڪت جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي بابت سموري ڄاڻ حاصل ڪئي وئي آهي ۽ اها هن وقت حنين شوڪت جي استعمال ۾ آهي، ڊي آءِ جي شوڪت علي ڪٺيان ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اها گاڏي منهنجي پٽ جي آهي، پر ڪجهه ڏينهن اڳ اها مڪينڪ جي حوالي ڪئي وئي هئي، هن چيو ته ممڪن آهي ته وڊيو ۾ گاڏي هلائيندڙ شخص مڪينڪ هجي پر مان پاڻ به معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهيان ۽ ذميوار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.