اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام، پاڪستان تحريڪ انصاف کي خيبر پختونخواهه حڪومت خلاف بي اعتمادي ۾ حصو نه وٺڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
عمران خان جي ڀيڻن ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان جو پيغام اڊيالا جيل ۾ عمران خان تائين پهچايو.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني کي پيغام ڏنو ويو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان خيبر پختونخواهه ۾ ان هائوس تبديلي لاءِ رابطو ڪيو ويو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف کي ڪي پي حڪومت خلاف بي اعتمادي ۾ حصو نه وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
خيبر پختونخواهه حڪومت خلاف بي اعتمادي جو حصو نه بڻجنداسين: فضل الرحمان جو عمران خان کي پيغام
You might also like