پهرين محبت ۾ ناڪامي تي مايوسي ٿي، ٻيو ڀيرو اعتماد ٽٽو، ٽيهر دِل لائڻ جي همت ناهي: زارا ترين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز ۽ ڊراما انڊسٽري سان واڳيل اداڪارا زارا ترين چيو آهي ته جڏهن ٻي محبت ۾ دل ٽُٽي ته ٽئين ڀيرو دِل لائڻ سگهه ناهي رهندي.
ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت دوران هن پنهنجي زندگي جي تجربي بابت تفصيلي ڳالهايو .
انٽرويو دوران جڏهن زارا کان هڪ طرفي محبت بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته سندس خيال ۾ هر محبت نيٺ هڪ طرفي بڻجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هر انسان اِهو لڳندو آهي ته هو پنهنجي ساٿي کان وڌيڪ محبت ڪري ٿو.
زارا ترين چيو ته اسان پنهنجي زندگي ۾ پهرين يا ٻي محبت شدت سان ڪندا آهيون، ان کانپوءِ اها شدت نٿي رهي ۽ پوءِ زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي اِهو احساس ٿئي ٿو ته محبت حقيقت ۾ هڪ طرفي هئي.
اداڪارا اعتراف ڪيو ته کيس به پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا هڪ طرفي محبت ٿي، ٻئي دفعا دل ٽُٽي، پر ٻيو تجربو ڏاڍو ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ هو.
زارا اندر جو احوال اوريندي چيو ته ” پهريون دفعو محبت ۾ ناڪاميءَ تي مايوسي ٿئي ٿي ۽ محبت تي ڀروسو ختم ٿي وڃي ٿو، پر ٻيهر دِل ٽٽڻ تي ڪاوڙ اچي ٿي، اِها ڪاوڙ تي هوندي آهي ته اسان ٻيهر ڪنهن کي ٻيهر موقعو ڇو ڏنو؟
ياد رهي ته زارا ترين 2021ع ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪي اداڪار فاران طاهر سان شادي ڪئي هئي، پر سندن شادي رڳو 18 مهينن تائين هلي ۽ اِهو رشتو 2023ع ۾ طلاق تي ختم ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.