سهولتن ۾ واڌ، واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فيچر متعارف

ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا واٽس ايپ ۾ اي آءِ تي ٻڌل نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جيڪو واهپيدارن کي نياپا پڙهڻ بنا ئي انهن کي باخبر رکندو.

واٽس ايپ فيچر جي مدد سان واهپيدار هاڻي ميسيج پڙهڻ بدران ئي اي آءِ جو خلاصو پڙهي سگهندا.

واٽس ايپ جو هڪ بلاگ پوسٽ ۾ چوڻ هو ته ڪڏهن ڪڏهن توهان کي پنهنجي ميسيجن بابت فوري طور تي باخبر رهڻ جي ضرورت هوندي آهي. انڪري ڪمپني ميسيج سمريز جو فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي جيڪو ميٽا اي آءِ جو استعمال ڪري بنا پڙهڻ جي ئي نياپن جو خلاصو ڪري ڇڏيندو آهي انڪري واهپيدارن کي اهي نياپا پڙهڻ بدران ئي تفصيلن جو اندازو ٿي ويندو آهي.

ميٽا جو چوڻ آهي ته نئون اي آءِ ٽول پرائيويٽ پروسيسنگ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندو آهي ته جيئن واٽس ايپ واهپيدار جي خلاصو ڪيل چيٽس ڪانٽيڪٽس نه ڏسي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.