مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مخصوص سيٽون الاٽ ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ن ليگ جون ڪُل سيٽون 123 ٿي ويون آهن، ن ليگ کي 13 مخصوص سيٽون مليون آهن.
پ پ کي 4 مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ان جون ڪُل سيٽون 74 ٿي ويون آهن.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ايم ڪيو ايم جون قومي اسيمبلي ۾ ڪُل سيٽون 22 آهن، جڏهن ته مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ٻڌايو آهي ته هن وقت قومي اسيمبلي جون ڪُل سيٽون 336 آهن، اسيمبلي ۾ آزاد ميمبرن جو انگ 5 آهي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 80 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.