”افغان حڪومت اچڻ کانپوءِ حملن ۾ واڌ ٿي، پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ سرينڊر ڪرڻ شامل ناهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان حڪومت طرفان واعدن جي ڀڃڪڙي خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهي آهي، پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ سرينڊر ڪرڻ شامل ناهي، ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين.
اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ تحت ”دنيا لاءِ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ“ جي عنوان سان انٽرنيشنل ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته طالبان حڪومت جي اچڻ کانپوءِ افغان سرزمين تان پاڪستان تي ٿيندڙ حملن ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي، افغان عبوري حڪومت دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، محفوظ مستقبل لاءِ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي قيادت اسان سان گڏ ويهي ۽ ڳالهين سان مسئلا حل ڪري، ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري، ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي صلاحيتن مان سکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.