ماهرا خان پاڪ-ڀارت جنگ دوران فنڪارن مٿان مڙهيل پابندي تي سوال اُٿاري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماهرا خان چيو آهي ته فنڪار ماڻهن کي جوڙيندو آهي، تنهنڪري سڀ کان اول پابندي به فنڪار تي لڳندي آهي.
سپراسٽار ماهرا خان چيو آهي ته اسان فنڪار ئي ماڻهن کي جوڙيندا آهيون، تنهنڪري سڀ کان پهرين پابندي اسان تي لڳندي آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران اداڪارا پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۽ فنڪارن تي مڙهيل پابندين بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
انٽرويوءَ دوران کائنس پڇيو ويو ته ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن مٿان سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي وئي آهي ان تي اوهان جو ردعمل ڇا آهي؟
جنهن جي جواب ۾ ماهرا خان چيو ته منهنجو ان پابندي تي ڪو خاص ردعمل نه آهي.
هن چيو ته مان اڃا به مداحن سان محبت ڪريان ٿي، مداح ته مداح هوندا آهن، عوام جو سياست سان هڪ قسم جو لاڳاپو هوندو آهي، پر اِهي سياسي معاملا هوندا آهن ته جيڪي پابنديون لڳائيندا آهن جنهن تي يقين نه ٿي رکان.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن ڪا جنگ لڳي وڃي يا سياسي حالتون خراب ٿي وڃن، ته سڀ کان پهريون حملو فنڪارن تي ڇو ٿيندو آهي؟ اِها سوچڻ جي ڳالهه آهي، ڇو ته فنڪار ۽ فن ئي اهي شيون آهن، جيڪي ماڻهن کي جوڙين ٿيون، تنهنڪري سڀ کان اڳ پابندي به فن تي لڳي ٿي.
ماهرا خان وڌيڪ چيو ته مان هڪ اداڪارا آهيان، جيڪڏهن فلمون بند ٿي وڃن ته مان ڊراما ڪري وٺنديس يا ٿيئٽر، ان ۾ منهنجو ڪو به نقصان نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.