نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي مقابلي جون امڪاني تاريخون سامهون اچي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت جي ميزباني هيٺ ايشيا ڪپ نيوٽرل وينيو تي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ منعقد ٿيندو، جنهن جي ميزبانيءَ لاءِ گڏيل يو اَي اي مضبوط اميدوار آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ 4 يا 5 سيپٽمبر کان شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، افغانستان، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ يو اي اي جون ٽيمون حصو وٺنديون.
ميڊيا رپورٽن موجب، گروپ اسٽيج ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽاڪرو 7 سيپٽمبر تي دبئي ۾ ٿيندو، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سپر فور جي امڪاني ميچ 14 سيپٽمبر تي ٿيندي.
ايشيا ڪپ دوران پاڪستان ۽ ڀارت گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا آمهون سامهون اچي سگهن ٿا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ جو فائنل 21 سيپٽمبر تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو .