پاڪستان ۾ دل جي دوري سبب فوتگين جي شرح ۾ واڌ، ڪارڻ ڪورونا ويڪسين؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان پکڙجندڙ هڪ نئين دعويٰ موجب پاڪستان ۾ دل جي دوري سبب فوتگين جي شرح ۾ ٿيندڙ واڌ جو ڪارڻ مبينا طور تي ڪورونا ويڪسين آهي.
سوشل ميڊيا تي تازو هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ استاد شاگردن کي پڙهائڻ دوران اوچتو هيٺ ڪِري پيو ۽ مبينا طور تي دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو.
وڊيو جي حوالي سان سوشل ميڊيا واهپيدار دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ان استاد جي موت جو سبب ڪورونا ويڪسين جو اثر آهي، جيڪا مبينا طور تي دل تي اثر انداز ٿي رهي آهي.
ان وڊيو تي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن تبصرا ڪيا ته ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ دل جي دوري سبب فوتگين جي شرح ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي.
واهپيدارن چيو ته ويڪسين کانپوءِ صحتياب ماڻهن ۾ دل جي تڪليفن جا ڪيس وڌيا آهن.
سوشل ميڊيا تي اهڙن افواهن کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف جي لهر پيدا ٿي وئي آهي پر اهي دعوائون رڳو سوشل ميڊيا تائين محدود آهن ۽ سرڪاري سطح تي يا ماهرن طرفان انهن جي ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي، تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته اهڙن افواهن تي ڌيان ڏيڻ بدران تصديق ٿيل ذريعن وڄاڻ ڄاڻ حاصل ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.