انبن جي باغ ۾ ڪم ڪندڙ گھانگھرا برادري جا 13 پورهيت اغوا

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان ۾ ڏوھارين جو راڄ، صادق آباد ڀرسان انبن جي باغ تي ڪم ڪندڙ گھانگھرا برادري جا پورهيت هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ 13 ڀاتي مبينا طور اغوا  ٿي ويا، ڀونگ پوليس ۽ سونماڻي پوليس حدبندي تڪرار ڄاڻائي ڪاروائي نه ڪئي، مغوين ۾ رشيد احمد، نديم احمد، وسيم احمد، پسران رشيد احمد، صدام، گل حسن، نذر حسين، محمد بلال، محمد حنيف، نديم ولد محمد حنيف، محمد ڪاشف، عبدالماجد، عمير بشير احمد، شهمير، تنوير احمد شامل آهن، سندن وارثن جو چوڻ آهي ته هي ٿاڻو ڀونگ ۽ ٿاڻو سون مياڻي جي حدن ۾ انبن جي باغن ۾ انب پٽڻ جو پورهيو ڪندا هئا گذريل ڏينهن شام جو هي پنهنجي رهائش گاھ واپس آيا، جتي رات جو نامعلوم هٿياربند چڙھائي ڪري کين ھٿيارن جي زور تي کنڀي کڻي ويا آهن ، ھوڏانھن ڀونگ ۽ سون مياڻي ٿاڻي جي پوليس حد بندي تڪرار ڄاڻائي ڏوھارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي، نه وري ڪيس داخل ڪيو، جنهن بعد ڪرائيم ڪنٽرول ڊويزن (سي سي ڊي) رحيم يار خان مداخلت ڪري ٺيڪيدار عبدالڪريم جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، آخري اطلاع تائين پوليس کي مغوي بازياب ڪرائڻ ڪا اڳڀرائي نه ٿي، جنهن ڪري مغوين جي گھرن ۾ سوڳ واري ڪيفيت برقرار آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.