يو ايس ايڊ ۾ ڪٽوتي سبب ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ فوتگين جو خطرو

واشنگٽن(م ڊ)هڪ نئين تحقيق موجب جيڪڏهن آمريڪي پرڏيهي امداد يو ايس ايڊ ۾ جاري ڪٽوتيون جاري رهيون ته 2030 تائين دنيا جي غريب ۽ ڪمزور آبادي مان 1 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا، جن مان ٽيون حصو ننڍڙا ٻار هوندا، هي رپورٽ مشهور طبي رسالي لانسٽ ۾ ڇپي آهي، غير ملڪي خبر اداري اي ايف پي مطابق، هي تحقيق ان وقت سامهون آئي آهي، جڏهن اسپين ۾ گڏيل قومن جي هڪ عالمي ڪانفرنس جاري آهي، جتي عالمي اڳواڻ ۽ ڪاروباري ادارا امدادي شعبي کي بچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، آمريڪي پرڏيهي امداد وارو ادارو يو ايس ايڊ عالمي امداد جو 40 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو فراهم ڪندو رهيو آهي، پر جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال جنوري ۾ ٻيهر وائٽ هائوس پهتو، ته ان کانپوءِ امداد جو هي سلسلو متاثر ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.