اسلام آباد(بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽورن کي 10 جولاءِ کان مڪمل بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته سڀني ملازمن کي رضاڪارانه طور تي ادارو ڇڏڻ لاءِ پيڪيج فراهم ڪيو وڃي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن مطابق ملڪ ۾ موجود سڀئي فعال يوٽيلٽي اسٽور اڄ کان پنهنجو آپريشن بند ڪرڻ شروع ڪندا، اسٽورن تي موجود سامان وئير هائوسز ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته وئير هائوسز مان سامان لاڳاپيل اختيارين جي نگراني هيٺ واپارين کي واپس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ جي سڀني اسٽورن ۽ ٻين آفيسن ۾ موجود آءِ ٽي سامان واپس ورتو ويندو، رئڪس ۽ ٻيو سامان شفاف طريقيڪار سان نيلام ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وڌيڪ طئي ڪيو ويو ته مسواڙ تي هلندڙ اسٽورن کي پهرين آگسٽ کان خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويندا ۽ يوٽيلٽي اسٽورز جي اثاثن جي صحيح اندازي لاءِ تخمينو لڳايو ويندو. اسلام آباد ۾ سينيٽر عون عباس جي صدارت هيٺ صنعت ۽ پيداوار بابت سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مستقبل بابت بريفنگ ڏني وئي. ايم ڊي يوٽيلٽي اسٽور اجلاس کي ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽور حڪومت جي خانگائڻ واري فهرست ۾ شامل آهن، گذريل ٻن سالن جي آڊٽ نه ٿيڻ سبب نجڪاري جو عمل رڪجي ويو آهي، آگسٽ 2025 تائين آڊٽ مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ايم ڊي ٻڌايو ته نقصان ڏيندڙ 1700 يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪيا پيا وڃن، نجڪاري کانپوءِ ڪنٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازم فارغ ڪيا ويندا. ايم ڊي وڌيڪ ٻڌايو ته في الحال يوٽيلٽي اسٽورن جا 5 هزار ملازم مستقل آهن، جن کي سرپلس پول ڏانهن موڪليو ويندو.