هاءِ ڪورٽ اسپيشل جڊيشل الائونس نه ڏيڻ جي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسپيشل جڊيشل الائونس نه ڏيڻ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست جي فوري ٻڌڻي جي درخواست جي استدعا ڪئي وئي، عدالت فوري ٻڌڻي جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ان جي ضرورت نه آهي، عدالت آگسٽ جي ٽي هفتي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪئي آهي، درخواستگذارن جو موقف آهي ته گذريل ٻڌڻي ٿي، عدالت  حڪم ڏنو هو ته بجيٽ ۾ اسپيشل جڊيشل الائونس منظور ڪيو وڃي پر ان تي عمل نه ٿيو، پر بجيٽ ۾ 8ارب جي ڪٽوتي ڪئي وئي، عدالت کان استدعا آهي ته حڪومت جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.