جسم کي هائڊريٽ ڪرڻ لاءِ پاڻي کان وڌ ڇا؟

جسم کي هائڊريٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڻي تمام بهترين ثابت ٿيندو آهي پر ڪجهه پيئڻ واريون شيون اهڙيون به آهن جيڪي جسم کي پاڻي کان به وڌيڪ بهتر طريقي سان هائڊريٽ ڪنديون آهن. خاص طور تي اليڪٽرولائيٽس، ڪاربوهائڊريٽس ۽ سوڊيم جي موجود جي ڪري.

انهن پيئڻ واري شين مان هڪ کير آهي، جيڪو اليڪٽرولائيٽس، پروٽين، ڪاربوهائڊريٽس ۽ سوڊيم جي ڪري پاڻي کان وڌيڪ دير تائين جسم ۾ رهندو آهي ۽ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪندو آهي.

انکانسواءِ او آر ايس جسماني لوڻياٺ (سوڊيم، پوٽاشيم، ڪلورائيڊ) جو بهترين مقدار فراهم ڪندو آهي جنهن جي ڪري اهو طبي سطح تي پاڻي کان بهتر آهي.

ٽئين نمبر تي ناريل جو پاڻي آهي. اهو به قدرتي اليڪٽرولائيٽس خاص طور تي پوٽاشيم اليڪٽرولائيٽ ججهي مقدار ۾ فراهم ڪندو آهي. انکانسواءِ هنداڻي توڙي گدري جو جوس ۽ جڙي ٻوٽين مان ٺهيل گهٽ ڪيفين واري چانهه به جسم کي پاڻي کان وڌيڪ هائڊريٽ رکندا آهن. خاص طور تي گرمين جي موسم ۾.

تنهن باوجود به پاڻي جي کوٽ کان بچڻ جي لاءِ ڪهڙي پيئڻ واري شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي اسان اوهان کي اهو به ٻڌائينداسين.

ڪيفين واري مقدار واريون شيون(گهڻي ڪافي يا انرجي ڊرنڪس). اهي پاڻي جي کوٽ ڪري سگهن ٿيون.

الڪوهل، اهو ڊي هائڊريشن جو سبب بڻبو آهي.

تمام گهڻا مٺا سافٽ ڊرنڪس، اهي وقتي طور تي اڃ اجهائيندا آهن پر ڊگهي عرصي تائين هائڊريشن ناهن ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.