ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي والدين رنڌير ڪپور ۽ ببيتا جي رشتي بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.
اداڪارا ڪرينا ڪپور خان عرف بيبو هن وقت بالي ووڊ ۾ پنهنجي سلور جوبلي مڪمل ڪري ورتي آهي، ان دوران ڏنل هڪ انٽرويو تيزي سان وائرل ٿي رهيو .
اداڪارا جي تازي بيان تي سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، جتي مداح ۽ نقاد سندس بيان تي پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
انٽرويو دوران ڪرينا ٻڌايو ته سندس والدين محبت جي شادي ڪئي، پر ان باوجود ڪجهه سالن کانپوءِ ٻنهي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
ادڪارا موجب، والدين جي وچ ۾ ذهني هم آهنگي جي کوٽ هئي، معمولي ڳالهين تي بحث ۽ تڪرار روز جو معمول بڻجي ويو هو، تنهنڪري ٻنهي ڌار ٿيڻ واري فيصلي کي ئي بهتر سمجهيو .
ڪرينا ٻڌايو ته ٻنهي وچ ۾ باظابطا طلاق نه ٿي هئي، رڳو ڪجهه وقت لاءِ جدا ٿيا هئا، ان کانپوءِجڏهن عمر وڌي ته ٻنهي فيصلو ڪيو ته زندگيءَ جا پڇاڙڪا پهر گڏجي گذارڻ گهرجن ۽ ٻيهر گڏ رهڻ لڳا.
ادڪارا چيو ته سندس ڀيڻ ڪرشما ڪپور خاندان جي پهرين ڇوڪري هئي، جيڪا فلمن ۾ آئي جنهن جو ڪريڊٽ سندس ماءُ ببيتا ڏانهن وڃي ٿو، پر پيءُ رنڌير ڪپور ڪرشما جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي ڪو به اعتراض نه واريو.
رنڌير ۽ ببيتا جي محبت جي ڪهاڻي
رنڌير ڪپور کي ببيتا سان ان وقت محبت ٿي، جڏهن هن کيس پنهنجي والد راج ڪپور جي فلم ”سنگم“ جي سيٽ تي پهريون ڀيرو ڏٺو، ببيتا 1969ع ۾ فلمن ۾ قدم رکيو هو، جڏهن ته ٻنهي جي ملاقات ڪجهه وقت بعد ٿيم رنڌير ۽ ببيتا 1971ع ۾ شادي ڪئي هئي.
واضح رهي ته 25 سال اڳ ڪرينا ڪپور ۽ اڀيشيڪ بچن ٻنهي فلم ”ريفيُوجي“ ذريعي بالي ووڊ ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو هو.