ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ 9 ۽ 10 محرم الحرام (5 ۽ 6 جولاءِ) تي عام موڪل هوندي.
عام موڪل تحت سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا، آفيسون بند رهنديون پر جلوسن جي حوالي سان جن سرڪاري ۽ انتظامي ادارن جون ڊيوٽيون آهن، اهي معمول موجب کليل رهندا ۽ لازمي سروس وارن ملازمن تي نوٽيفڪيشن لاڳو نه ٿيندو.
You might also like