ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا اسما عباس ڀارتي اداڪارا شيفالي زريوالا جي اوچتي ديهانت تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انسان کي عمر ۽ پوڙهائپ کي قبول ڪرڻ گهرجي.
اسما عباس پنهنجي يوٽيوب چينل تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته ” شيفالي جي 42 ورهين جي عمر ۾ اوچتي موت دل کي ڏاڍو ڏک پهچايو، جوانيءَ ۾ اهڙي موت تڪليف ڏيندڙ آهي، سندس مڙس ۽ ماءُ جي حالت ڏسي دل وڌيڪ ڀڄي پئي، خبر ناهي مٿن ڇا گذري هوندي.“
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ” مون ٻڌو آهي ته هوءَ اينٽي ايجنگ (پوڙهائپ روڪڻ) وارا انجڪشن لڳائيندي هئي، سوال اهو آهي ته ماڻهو عمر گهٽ ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي صحت سان ڇو کيڏي ٿو؟ پوڙهائپ قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي؟ اڳ به ڀارتي اداڪارا سري ديوي به اهڙن مصنوعي طريقن جو شڪار ٿي فوت ٿي هئي.“
اسما عباس وڌيڪ چيو ته ”اهڙيون غير فطري شيون جسم ۽ دل تي ناڪاري اثر وجهن ٿيون، خبر ناهي سڄي عمر جوان رهڻ جو جنون ڇو آهي؟ انسان زندگي ڀر فطري طريقي سان ڇو نٿو رهي سگهي؟“
ياد رهي ته شيفالي زريوالا پنهنجي مشهوري مشهور گيت”ڪانٽا لَگا“ ذريعي مشهوري ماڻي، جنهن کانپوءِ هوءَ ڀارتي پاپ ميوزڪ جي آئيڪون بڻجي ويئي هئي.