پنجاب ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملو الرٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اڱاري جي صبح زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، پنجاب جي راڄڌاني لاهور سميت قصور، اوڪاڙا، شيخوپورا ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4 ڏهائي 4 ۽ زمين اندر اونهائي 12 ڪلوميٽر هئي.
زلزلي سبب ماڻهو خوف ۾ ڪلمو پڙهندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، زلزلي جي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي جي صوبائي ڪنٽرول روم سميت پنجاب جا هڙئي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽرز 7/24 الرٽ آهن.
ترجمان موجب، زلزلي جي نقصانن بابت پي ڊي ايم جي هيلپ لائين 1129 تي اطلاع ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.