تيرپور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو جي شهر تيرپور ۾ ڏاج جي لالچ سبب هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 27 ورهين جي تازو پرڻيل ڪنوار آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، شادي ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 50 لک رپين جو خرچ، 70 لک جي ڪار ۽ 300 تولا سون ڏاج طور ڏيڻ باوجود ساهرن جي لالچ ختم نه ٿيم جنهن ڪري ڪنوار پنهنجي هٿن سان زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.
رپورٽن موجب، ريڌنيا جي اپريل 2025 ۾ 28 ورهين جي ڪيون ڪمار شادي ٿي هئي. شاديءَ مهل ڪنواريتن، گهوٽيتن سان واعدو ڪيو هو ته کين 4 ڪلو وزن جي برابر 500 برطانوي سون جا سڪا ڏنا ويندا، جن مان 300 شادي تي ڏنا ويا ۽ باقي 200 بعد ۾ ڏيڻ جو چيو ويو.
شادي کان رڳو 10 ڏينهن گذرڻ بعد ئي ساهرن ۽ مڙس طرفان ريڌنيا تي ذهني ۽ جسماني تشدد شروع ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ريڌنيا کي معمولي ڳالهين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاريو ويندو هو، جڏهن ته مڙس کيس ڪنهن به ڪجهه ٻڌائڻ جي صورت ۾ پاڻ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو.
موت کان اڳ ريڌنيا پنهنجي پيءُ کي ست آڊيو پيغام موڪليا، جن ۾ هن چيو ته هوءَ روز، روز اذيت نٿي سهي سگهي، هوءَ زندگيءَ مان تنگ اچي چُڪي آهي، ماڻهو کيس اندر ئي اندر ماري رهيا آهن، منجهس وڌيڪ برداشت جي سگهه ناهي رهي.
ريڌنيا 29 جون تي پنهنجن ساهرن کي چيو ته هوءَ مندر وڃي رهي آهي، پر رستي ۾ هن زهر وٺي کائي ڇڏيو، جڏهن هوءَ دير تائين گهر واپس نه وري ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ سندس لاش هڪ ڪار مان مليو، کيس فوري طور اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
واقعي کان پوءِ پوليس ريڌنيا جي مڙس، سس ۽ سهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ريڌنيا جي پيءُ انادورائي طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو ته سندس ڌيءَ کي شادي کانپوءِ به مسلسل وڌيڪ ڏاج لاءِ حراسان ڪيو پئي ويو.
ڪروڙين ماليت جو ڏاج ڏيڻ باوجود ساهرن جي لالچ تازو پرڻيل ڪنوار کي آپگهات تي مجبور ڪري ڇڏيو، آڊيو پيغام وائرل
You might also like