اسلام آباد(زاهد گشڪوري)ساهيوال مان چونڊيل آزاد ميمبر عثمان علي وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪري مسلم ليگ نواز ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،مور جي نشان تي چونڊ وڙهندڙ عثمان علي پي ٽي آءِ جي حمايت سان ايم اين اي بڻيو هو ۽ هن قرآن پاڪ تي حلف کنيو هو ته کيس ووٽ پي ٽي آءِ جو ئي مليو آهي ۽ هو پي ٽي آءِ جو ايم اين اي بڻجي رهندو ۽ وفاداري ڪڏهن به تبديل نه ڪندو،جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ٻين ايم اين ايز تي پارٽي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ انهن مٿان 9 مئي واقعن جا ڪيس اڳ ۾ ئي داخل ٿيل آهن،مٿن نااهلي جي تلوار به لٽڪي رهي آهي،امڪان آهي ته دٻاءُ سبب اهي ايم اين اي نواز ليگ يا پ پ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا يا پنهنجو الڳ فارورڊ بلاڪ ٺاهي سگهن ٿا،سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل جا 79 ميمبر آزاد قرار ڏنا ويا آهن،حڪومتي اتحاد ۾ شامل ميمبرن جو انگ وڌي 235 ٿي سگهي ٿو،جنهن بعد اپوزيشن جو نالو نشان به مٽجي ويندو،جڏهن ته پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ کانپوءِ حڪومت 27 هين آئيني ترميم آڻڻ جي تيارين ۾ آهي، جنهن ۾ هڪ آئيني عدالت جو قيام به شامل آهي، اهو به امڪان آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي آئيني عدالت جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي، پارليامينٽ جو مدو وڌائڻ جي به ڳالهه هلي رهي آهي،جڏهن ته موجوده اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مدي ۾ واڌ جو به امڪان آهي ٻئي پاسي مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب،جمشيد دستي،سوات مان چونڊيل ايم اين اي سهيل سلطان،ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور مٿان نااهلي جي تلوار لٽڪي رهي آهي.