ڪراچي(پورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياسي منافقت جي انتها آهي، پنجاب ۾ ويهي حافظ نعيم سنڌ جي بلدياتي نظام کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جڏهن ته بلدياتي چونڊون پنجاب ۾ نه ٿيون، لڳي ٿو ته حافظ نعيم اڃا تائين ميئر نه بڻجڻ جي صدمي مان نه نڪتو آهي.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم جي بيان تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته جيڪڏهن حافظ نعيم کي سنڌ جي بلدياتي نظام سان ايترو مسئلو آهي ته پوءِ هو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ به اهڙي ئي شدت سان آواز ڇو نه ٿو بلند ڪري؟ پنهنجي سياسي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ حافظ نعيم طرفان سنڌ حڪومت تي الزام لڳائڻ مناسب ناهي.هن چيو ته جماعت اسلامي کي ڪڏهن به عوامي ووٽ ذريعي ڪراچي جي ميئرشپ نه ملي، انهن جا ٻه ميئر آمريت جي مرهون منت هئا، مخالف ڌريون تعميري سياست ڪن، نفرت تي ٻڌل بيانن وسيلي عوام کي گمراھ نه ڪن.