ڪراچي ۾ جهيڙي دوران نوجوان موٽرسائيڪل جي هينڊل سان ٽڪرائجي فوت

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي گرومندرواري علائقي ڀرسانٿيل جهيڙي دوران هڪ نوجوان موٽرسائيڪل جي هينڊل سان ٽڪرائجي فوت ٿي ويو، پوليس فوري ڪارروائي ڪندي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب، ٿاڻو جمشيد ڪوارٽرز جي حد ۾ گرومندر مسجد ڪنز الايمان جي ڀرسان هڪ چانهه جي هوٽل تي ويٺل 7 نوجوانن جي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿيو، جيڪو جلد ئي جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ويو، جهيڙي دوران هڪ نوجوان کي ڌڪ لڳو، جيڪو ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل جي هينڊل سان ٽڪرائجي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ عبدالرحمٰن ولد عبدالجبار طور ٿي آهي، جنهن جي عمر 17 کان 18سال ٻڌائي پئي وڃي، ايس ايڇ او جمشيد ڪوارٽرز اطلاع ملڻ تي فوري ڪارروائي ڪئي ۽ جيهڙي ۾ ملوث 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ طلحه، حسن، عبدالله ، فراز ، منان ۽ معيز شامل آهن، پوليس موجب واقعي بابت قانوني ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ پڻ هلي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.