ٽئڪس نظام ۾ 662 ارب رپين جو مالي گهاٽو، ايف بي آر جي ڪارڪردگي سواليا بڻجي وئي

اسلام آباد(ع آ نيوز) ٽيڪس نظام ۾ 662 ارب رپين کان وڌيڪ جي خال ايف بي آر جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.  آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي تازي رپورٽ مطابق مالي سال 24-2023   دوران ملڪ جي ٽيڪس نظام ۾ 662 ارب 70 ڪروڙ رپين جي وڏي مالي گهاٽي جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سان فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي نظام ۾ سنگين خاميون سامهون آيون آهن. رپورٽ (آڊٽ سال 2024-25) مطابق سڀ کان وڏو نقصان انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 457 ارب رپين جو ٿيو، جڏهن ته سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 186 ارب 70 ڪروڙ رپين جو نقصان رڪارڊ ڪيو ويو. انڪم ٽيڪس ۾ 457 ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، جن جي اهم سببن ۾ هي شامل آهن. 167 ارب 90 ڪروڙ رپين جو سپر ٽيڪس اڃا تائين وصول نه ڪيو ويو (1600 کان وڌيڪ مقدمن ۾) 18 فيلڊ آفيسرن اعتراض جوڳن خرچن جي بنياد تي غيرقانوني ڪٽوتيون منظور ڪيون، جنهن سبب 149 ارب 60 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو . 45 ارب 40 ڪروڙ رپين جو ودهولڊنگ ٽيڪس وصول نه ٿيو.22 ارب 90 ڪروڙ رپين جو گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس به وصول نه ٿي سگهيو. سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ مجموعي طور 187 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جنهن مان سڀ کان وڏي ليڪيج 123 ارب 60 ڪروڙ رپين جي هئي. ان جو سبب هي هو ته جعلي يا بليڪ لسٽ ٿيل سپلائرز جي رسيدن تي انپٽ ٽيڪس ڪريڊٽ ڄاڻايو ويو. 8 ارب 50 ڪروڙ رپين جو وڌيڪ نقصان انپٽ ٽيڪس کي ٽيڪسبل سپلاءِ سان درست ورڇ نه ڪرڻ سبب ٿيو.36 ارب رپين جي گهٽ وڪرو ڏيکاري ٽئڪس چوري ڪئي وئي.7 ارب 50 ڪروڙ جي ناقابل قبول رعايتون ۽ 5 ارب 50 ڪروڙ جي غيرقانوني ايڊجسٽمينٽس.3 ارب 50 ڪروڙ رپين جا واجب الادا ڏنڊ ۽ سرچارج وصول نه ڪيا ويا.اسٽيل ۽ رٽيل سيڪٽر جا درجنين ادارا رجسٽر نه ٿيڻ ڪري 1 ارب 30 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.