پشاور/اسلام آباد(حماد حسن) ٻه ٽي ڏينهن اڳ، عمران خان سان اڊياله جيل ۾ هڪ ملاقات ٿي آهي، جيڪا انتهائي اهم سمجهي پئي وڃي ڇا عمران خان جي آزادي جو رستو هموار ٿي رهيو آهي؟ اڄڪلهه عام تاثر اهو آهي ته پي ٽي آءِ جي سياسي اهميت ختم ٿي وئي آهي،پر حقيقت ۾ ائين ناهي ٿيندو،تاريخ شاهد آهي ته مقبول سياسي پارٽين ۽ ليڊرن تي مشڪل وقت ايندو آهي، جيئن بينظير ڀٽو، نواز شريف تي آيو،اڄ جي صورتحال اها آهي ته پارليامينٽ اندر عمران خان جو ڪردار ايترو اهم نه رهيو آهي۔ خاص طور تي مخصوص سيٽن کانپوءِ مسلم ليگ ن کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ واري آهي، مطلب ته مسلم ليگ ن هاڻ مڪمل طاقت ۾ آهي، فوج به ساڻن هڪصفحي تي آهي، پر ان جي باوجود اهو تاثر ختم نه ٿيو آهي ته عمران خان اڃا به خيبرپختونخوا ۾ انتهائي مقبول آهي، ۽ پنجاب ۾ به مقبوليت جو عنصر موجود آهي، ان ملاقات کانپوءِ، امڪان آهي ته اهو ماڻهو پي ٽي آءِ جي اهم شخصيتن (مثلاً بئريسٽر گوهر) سان به ملاقات ڪندو.في الحال، فوري آزاديءَ جو ڪو امڪان ناهي، هن رٿا جا ڪجهه نڪتا هي آهن،عمران خان کي بني گالا ۾ محدود رکڻ،محدود سطح تي ملاقاتون،احتجاجي سياست نه ٿيندي،اليڪشن تائين خاموش رهندو، ستاويهين ترميم تي به پي ٽي آءِ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، ان جي بدلي ۾ عمران خان کي رليف ڏنو ويندو،تازو ڏينهن ۾ اهو بحث به زور ورتو آهي ته حڪومت عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي،وزيراعظم شهباز شريف جو تازو بيان هو ته جيڪڏهن بئريسٽر گوهر وزيراعظم هائوس نه اچڻ چاهي ته اسپيڪر جي چيمبر ۾ اچي ڳالهيون ڪري وٺي،اهو اشارو ڏي ٿو ته سنجيده ڊائلاگ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ سنجيدگي، تدبر ۽ تحريڪ نه هلائڻ واري رويي جو مظاهرو ڪري ته هڪ ڏيڍ مهيني اندر عمران خان جي آزاديءَ جا امڪان موجود آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ سمورين سياسي قوتن سان ڳالهيون ڪندي نظر ايندي،اسٽيبلشمينٽ به هاڻي پوئتي هٽي وئي آهي،هڪ اهم شخصيت ٻڌايو ته عمران خان ويجهي ماضي ۾ آزادي جا ٽي موقعا وڃائي ڇڏيا،آڪٽوبر،26 نومبر ۽ 10 مئي تي عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي معاملا بگاڙي ڇڏيا.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 30 جون 2025ع تي شايع ٿيو