اسلام آباد( بيورو رپورٽ) وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جيڪو ٽيڪس گڏ ڪري ٿي، ان جو 60 سيڪڙو صوبن کي ڏنو وڃي ٿو، جيڪڏهن صورتحال اهڙي رهي ته ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپين کان گهٽ ٿي 500 ارب رپيا رهجي ويندي. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته صوبن کي وڌيڪ پيسا ڏيڻ جي ڪري ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جهڙن اهم منصوبن تي وڌيڪ خرچ نٿا ڪري سگهون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ هڪ هزار ارب رپيا ۽ مهمند ڊيم لاءِ ٽي سئو ارب رپيا گهربل آهن. احسن اقبال چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صوبن حوالي ڪرڻ گهرجي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا ۾ شامل ٿيل ضلعن کي اين ايف سي مان حصو وٺرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون۔