وزيراعظم پاران ”پنهنجو ميٽر“ ايپ جو افتتاح، ٽي وي لائسنس فيس ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بلن مان ٽي وي لائسنس فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته توانائي شعبي کي درپيش ٻن وڏن چئلينجن، سالياني 500 ارب جي بجلي چوري ۽ پيداواري بجلي جي گهٽ استعمال تي ضابطو آڻڻ لاءِ تيز قدم کنيا پيا وڃن.  پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ نالي نئين موبائيل ايپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته واهپيدارن کي درست ريڊنگ جي سهولت ڏيڻ لاءِ ايپ سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪئي ويندي. وزيراعظم ٻڌايو ته آءِ پي پيز سان سخت ڳالهين، وياج شرح ۾ گهٽتائي ۽ تيل جي عالمي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين منتقل ڪري بجلي جي اگهن ۾ ساڍا 7 رپيا في يونٽ گهٽتائي آندي وئي. هن چيو ته ماضي ۾ خدشو هو ته ٽيرف ۾ 50 کان 70 پئسا واڌ ٿي سگهي ٿي، پر حڪومت اهو بار عوام تائين نه پهچڻ ڏنو. شمسي توانائي جي واڌ سبب قومي گرڊ مان بجلي جي طلب گهٽ ٿي آهي، سولر پينلن جي حوصلا افزائي جاري رهندي. وزيراعظم زور ڏنو ته پنهنجو ميٽر ايپ سان هر واهپيدار کي سڌي فائدي سان شفاف بل ملندو، جيڪا پنجن ٻولين ۾ پيش ڪئي وئي آهي، ۽ ان جي نگراني لاڳاپيل وزيرن کي ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.