وزيراعظم جي چوڌري نثار سان ملاقات، ن ليگ ۾ شموليت جي دعوت

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ کيس مسلم ليگ ن ۾ واپسي جي دعوت ڏني. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف چوڌري نثار جي خيريت پڇي ۽ مرڪندي چيو ته لڳي ٿو ته توهان اسان کي وساري ڇڏيو آهي. ان تي اڳوڻي گهرو وزير جواب ڏنو ته هو اڄ ڪلهه بيمار رهي ٿو، جنهن تي وزيراعظم سندس صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته الله توهان کي جلد صحتيابي عطا ڪري. ذريعن موجب چوڌري نثار شهباز شريف جي دعوت جو فوري طور تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو ته هو صحتياب ٿيڻ ۽ ويجهن ساٿين سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪندو. چوڌري نثار وزيراعظم جي دوري تي شڪريو ادا ڪيو، ۽ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.