اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا گيس اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪي ڇڏيو، گيس جا نوان اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندا.
اوگرا ترجمان موجب گيس جي قيمت ۾ واڌ گهريلو واهپيدارن تي نه ٿيندي، گهريلو واهپيدارن لاءِ رڳو ماهوار فڪسڊ چارجز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ گيس جي فڪسڊ چارجز 400 مان وڌائي 600 رپيا، جڏهن ته نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪسڊ چارجز هڪ هزار مان وڌائي 1500 رپيا ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ماهوار گيس کپت 15 مڪعب ميٽر کان وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ فڪسڊ چارجز هڪ هزار رپيا واڌ سان 3 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته تندور، ڪمرشل، جنرل انڊسٽري، سي اين جي سيڪٽر، سيمينٽ ۽ ڀاڻ جي شعبي لاءِ گيس جي اگهن ۾ تبديلي ناهي ڪئي وئي.
حڪومت پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ گيس جي فڪسڊ چارجز 400 مان وڌائي 600 رپيا ڪري ڇڏي
You might also like