اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي درجي بندي ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي بهتري ٿي آهي.
هينلي پاسپورٽ انڊيڪس پاران سال 2025 جي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق پاڪستاني پاسپورٽ جي درجي بندي ۾ بهتري آئي آهي.
رپورٽ موجب سنگاپور دنيا جو مضبوط ترين پاسپورٽ رکندڙ ملڪ آهي، جنهن جا شهري 193 ملڪن ۾ بغير ويزا سفر ڪري سگهن ٿا.
ان کانپوءِ ٻي پوزيشن تي جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا آهن، جن جا شهري 190 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا حاصل ڪري سگهن ٿا.
جرمني، آئرلينڊ، ڊينمارڪ، فنلينڊ، فرانس، اٽلي ۽ اسپين گڏيل طور ٽئين نمبر تي آهن، انهن ملڪن جا شهري 189 ملڪن جو بغير ويزا سفر ڪري سگهن ٿا.
پڌرائيءَ مطابق پاڪستاني پاسپورٽ ترقي کانپوءِ ٽاپ 100 پاسپورٽن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.
پاڪستان هن فهرست ۾ 100هين نمبر تي آهي، صوماليا ۽ يمن به 100هين نمبر تي پاڪستان سان گڏ آهن.
ڊي جي پاسپورٽس مطابق اوورسيز پاڪستانين لاءِ آن لائن پاسپورٽ خدمتون به فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ گهرو وزارت جي سهڪار سان پاسپورٽ جي درجي بنديءَ ۾ بهتري جو سفر جاري رهندو.
You might also like