راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ جي اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو.
شهباز شريف، چوڌري نثار سان عيادت ڪئي، جڏهن ته ملاقات دوران ٻنهي ۾ ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي گفتگو ٿي.
وزيراعظم چيو ته چوڌري صاحب! توهان ته اسان کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن تي چوڌري نثار چيو ته ميان صاحب، بس طبعيت ٺيڪ ناهي رهندي.
پڌرائيءَ موجب ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، ٻنهي اڳواڻن ماضي جون يادون تازيون ڪيون.
You might also like