راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافتا ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻن کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ فتنه الهدوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻن کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود، ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو، اهي دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like