اڪثر ماڻهن کي لڳندو آهي ته هوائي جهاز جو سفر محفوظ ناهي پر اڄ اسان سائنسي حقيقتن ۽ ماهرن جي راءِ جي روشني ۾ اهي غلط تصور ختم ڪري ڇڏينداسين.
پهرين غلط فهمي ته هوائي جهاز اڏائڻ محفوظ ناهي:
ڪيترائي ماڻهو سمجهندا آهن ته هوائي جهاز جو سفر خطرناڪ آهي ۽ حادثي جو شڪار ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
پر حقيقت اها آهي ته ماهرن موجب هوائي جهاز جو سفر دنيا جو سڀ کان محفوظ سفر آهي ۽ ان ۾ حادثي جا امڪان انتهائي گهٽ هوندا آهن، تقريبن هر 11 ملين اڏامن ۾ رڳو هڪ حادثو.
ان جي ابتڙ گاڏين جي حادثن جي شرح ان کان تمام گهڻي وڌيڪ آهي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيت يافته پائلٽس جي موجودگي ۾ فضائي سفر انتهائي محفوظ آهي.
ٻي غلط فهمي ته طوفاني حالتن ۾ هوائي جهاز ڪِري سگهي ٿو:
ڪجهه ماڻهو سمجهندا آهن ته جيڪڏهن طوفان يا تيز هوا هوندي ته جهاز ڪِري سگهي ٿو، حقيقت ۾ طوفاني حالتن يا تيز هوا ۾ هوائي جهاز ڪرڻ جا امڪان ناهن هوندا، جهاز کي ڊيزائن ڪرڻ وقت ان کي انتهائي سخت حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي، پائلٽس کي اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص تربيت ڏني ويندي آهي ۽ جديد ريڊار سسٽمز جي ڪري طوفان کان بچڻ لاءِ رستو تبديل ڪيو ويندو آهي.
ٽين غلط فهمي ته هوا جا لوڏا خطرناڪ هوندا آهن:
اڪثر ماڻهو هوائي لوڏن کي حادثي جو اشارو سمجهندا آهن پر اها هڪ عام ڳالهه آهي، هوا جي مختلف رفتار ۽ دٻاءَ سبب ائين ٿيندو آهي، اهو هوائي جهاز لاءِ خطرو ناهي پر هڪ معمولي لوڏو آهي، جيئن گاڏي جي رستي ۾ ڪا چاڙهي يا ڪو کڏو اچي وڃو، جديد جهاز انهن لوڏن کي برداشت ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيا ويا آهن ۽ پائلٽس انهن کي سنڀالڻ ۾ ماهر هوندا آهن.
چوٿين غلط فهمي ته هر حادثي ۾ سڀ مسافر مري ويندا آهن:
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هوائي حادثي جي صورت ۾ جيئرو بچڻ ممڪن ناهي، حقيقت اها آهي ته جيئرو بچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن، خاص طور تي جيڪڏهن حفاظتي قدمن تي عمل ڪيو وڃي، سيٽ بيلٽ ٻڌڻ ۽ عملي جي هدايتن تي عمل ڪرڻ مسافرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ ۾ مددگار هوندو آهي.
پنجين غلط فهمي ته پائلٽس کي ننڊ نه اچي وڃي:
ماڻهن جو خيال آهي ته پائلٽ کي ڊگهي اڏام دوران ننڊ اچي سگهي ٿي، جيڪو نقصانڪار آهي پر اهو خيال بلڪل غلط آهي.
حقيقت ۾ پائلٽس لاءِ مخصوص آرام جا وقت مقرر هوندا آهن ۽ ڊگهي اڏام ۾ واڌو پائلٽس هوندا آهن، جيڪي واري واري سان هڪٻئي کي آرام جو موقعو فراهم ڪندا آهن، ان دوران ڪو پائلٽ جهاز جي نگراني ڪندو آهي.
اهو ضروري آهي ته اسان فضائي سفر جي حوالي سان غلط فهمين تي يقين نه ڪيون ۽ سائنسي حقيقتن جي روشني ۾ انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون.
جديد دور ۾ هوائي جهاز جو سفر هڪ نعمت آهي، جيڪو آسان، تيز ۽ محفوظ آهي.
You might also like