بجلي بلن مان ٽي وي فيس ختم، وزيراعظم ”اپنا ميٽر اپني ريڊنگ“ ايپ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بلن مان ٽي وي فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پاور سمارٽ موبائل ايپ ”اپنا ميٽر اپني ريڊنگ“ جو افتتاح ڪندي وزيراعظم چيو ته موبائل ايپ جو مقصد ميٽر ريڊنگ جي نظام ۾ شفافيت ۽ اوور بلنگ جو خاتمو آهي، هي قدم نه رڳو شهرين کي بااختيار بڻائڻ وارو آهي پر ادارن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ به اهم سنگ ميل آهي.
هن چيو ته بجلي واري شعبي ۾ وڏا سڌارا ڪيا ويا آهن پر اڃا گهڻو ڪم باقي آهي، ڊسڪوز بورڊز ۾ انقلابي تبديليون آنديون ويون آهن، جتي ميرٽ جي بنياد تي مقرريون ڪيون ويون آهن، هن سڄي عمل ۾ توانائي واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهڻ گهرجي.
وزيراعظم ٻڌايو ته ميٽر ريڊنگ بابت ڪيتريون ئي شڪايتون سامهون اچي رهيون هيون، ڪرپٽ مافيا خلاف سختيءَ سان ڪارروائي ڪئي وئي، خدشو هو ته بجليءَ جي بنيادي اگهن ۾ سالياني واڌ وقت 50 کان 70 پيسا في يونٽ اضافو ٿي سگهي ٿو پر اسان ڪوشش ڪئي ته اهو بار عوام تائين نه پهچي، ان حوالي سان مان اڄ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن مان پي ٽي وي لائسنس فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.