سنڌ طاس معاھدي تي پاڪستان جي فتح ٿي آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ عالمي ثالثي عدالت پاران سنڌو درياهه معاهدي ۾ ڀارتي قدم  غير قانوني قرار ڏيڻ واري فيصلي کي پاڪستان جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌو درياهه پاڪستان ۽ سنڌ جي لائف لائن آهي جنهن تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي، ڀارت پاڻي جارحيت ۽ دهشتگردي ذريعي اسان جي زراعت کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ پاڪستان خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. صوبائي اميرسنڌو درياهه معاهدي بابت ثالثي عدالت جي فيصلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته ثالثي عدالت پاران سنڌو درياهه معاهدي بابت ڀارتي ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏيڻ جو فيصلو حق جي فتح آهي سنڌو پاڻي معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ ٻطرفو بين الاقوامي معاهدو آهي جنهن کي ڀارت هڪ طرفي طور تي ختم نٿو ڪري سگهي. 1960 جو سنڌو پاڻي معاهدو عالمي بينڪ جي ثالثي هيٺ ٿيو هو. معاهدي ۾ ڪا به تبديلي صرف ٻنهي ملڪن جي رضامندي سان ئي ٿي سگهي ٿي. سنڌو درياءَ جو پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ ماڻهن جي زندگي آهي، جنهن ۾ سنڌ به شامل آهي. پهلگام جي ڪوڙي واقعي کان پوءِ پاڪستان جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ملڪ کي بنجر، بکيو ۽ ڏيوالپڻو بڻائڻ جي ڀارتي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.