سنڌ سميت ملڪ ۾ زوردار برسات، 24 ڪلاڪن ۾ 30 ڄڻا فوت، شهري ٻوڏ جي وارننگ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر/اسلام آباد (رپورٽر+نمائندا+ م ڊ) سنڌ سميت ملڪ ۾ برساتون جاري آهن. اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ زوردار برساتن ۽ ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. چوماسي جو سگهارو سسٽم ڪراچي سميت سڄي سنڌ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، ڪراچي ۾ صبح جو وسڪاري بعد شام جو ٻيهر تيز وسڪاري جو  سلسلو شروع ٿي ويو. شاهراهه فيصل، ڪار ساز، نرسري، ميٽروپول، صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تيز مِينهن وُٺو. ناظم آباد، گل بهار، گرو مندر ۽ گارڊن سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو. ڪورنگي، صدر، لياري  ۾ به برسات پئي. شهر ۾  بجلي بند ٿي وئي. روڊن جي خراب صورتحال سبب شهري ٻٽي عذاب جو شڪار بڻجي ويا آهن.ڪيتريون ئي گهٽيون ۽ روڊ برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٻئي پاسي موسميات موجب، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن معمار ۾ 23 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. سعدي ٽائون ۾ 17، سرجاڻي ٽائون ۾ 22، گلشن حديد ۾ 3، يونيورسٽي روڊ تي 11، ناظم آباد ۾ 8.2، پي اي ايف فيصل بيس تي 9، ائيرپورٽ اولڊ ايريا ۾ 3.2، ڪورنگي ۾ 4.4، جناح ٽرمينل تي 6 ۽ ڪياماڙي ۾ 2.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات طرفان چوماسي جو هڪ ٻئي سگهاري سسٽم جي ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ سنڌ تي اثراندز ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي علائقي لياڙي موسيٰ لين ۾ ڪوثر مسجد جي ويجهو هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي.ڪراچيءَ ۾ ڇت ڪرڻ سبب زخمي نينگري فوت ٿي وئي.  خيبرپختونخوا ۾ چوماسي جي برساتن سبب 11 ماڻهو فوت ٿي ويا.برساتن دوران فوت ٿيندڙن ۾ 4 مرد، 3 عورتون ۽ 4 ٻار شامل آهن. 6 زخمي ٿيا، فوت ٿيلن ۾ 4 مرد، 3 عورتون ۽ 4 ٻار شامل آهن، جڏهن ته برساتن ۽ اوچتن ٻوڏن سبب سوات ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. پنجاب ۾ برساتن دوران وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد گذريل 4 ڏينهن دوران فوتگين جو انگ 14 ٿي ويو آهي. ريسڪيو پنجاب جي ترجمان فاروق احمد موجب، لاهور ۾ گهر جي ڇت ڪري پئجڻ سبب ٻه ٻار، فيصل آباد ۾ ڇت ڪرڻ سبب چار ورهين جي نينگري، اٽڪ ۾ برساتي نالي ۾ ڪري پئجڻ سبب هڪ عورت، جڏهن ته وزيرآباد ۾ ڪاٺ جي ڇت ڪرڻ سبب 55 ورهين جو هڪ مرد فوت ٿيو آهي. هوڏانهن وزيراعظم اين ڊي ايم اي سربراهه سان رابطو ڪري صوبن سان رابطي ۾ رهڻ ۽ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سنڌ جي ڏکڻ وارن ضلعن ۾ شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو خطرو آهي۔ اين ڊي ايم اي موجب سجاول، ٺٽو، بدين، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن سبب شهري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي۔ ميرپور خاص، پوٺوھار ريجن ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ به ٻوڏ جي امڪاني صورتحال جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ راولپنڊي، اسلام آباد، گوجرانوالا ۽ گجرات ۾ اربن فلڊنگ جو امڪان آهي، جڏهن ته سيالڪوٽ ۽ لاهور جا هيٺاهين وارا علائقا به خطري ۾ اچي سگهن ٿا. اين ڊي ايم اي ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران مون سون جي برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ گلگت بلتستان، چترال، اپر دير، سوات ۽ ڪمرات وادي ۾ گليشيئر ٽٽڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪشمير سميت ملڪ جي چئن ئي صوبن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.