پاڪستان جي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين ۾ شامل نه ٿي

لنڊن(م ڊ) پاڪستان جي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي. عالمي سطح تي يونيورسٽين جي درجا بندي ڪندڙ ادارو "ڪيو ايس” (QS) طرفان سال 2026 جي جامع درجا بندي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق پاڪستان جي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي 350 بهترين يونيورسٽين جي فهرست ۾  جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ڪيو ايس جي درجا بندي مطابق وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي 354هين نمبر تي آهي، جڏهن ته نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) 371هين نمبر تي موجود آهي. ڪراچي يونيورسٽي 1001 بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب رهي، پر سنڌ جي ٻي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي 1500 بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿيڻ ۾ ناڪام رهي. "ڪيو ايس” جي عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جون مجموعي طور تي 18 يونيورسٽيون دنيا جي 1500 اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. درجا بندي ۾ ٻين قابلِ ذڪر پاڪستاني يونيورسٽين ۾ پنجاب يونيورسٽي 542هين، لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ سائنسز (LUMS) 555هين ۽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد 654هين نمبر تي آهن. ساڳي طرح، ڪامسيس يونيورسٽي اسلام آباد 664هين، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز 721هين، يو اي ٽي لاهور 801هين، پشاور يونيورسٽي 901هين، آغا خان يونيورسٽي 1001هين، يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي 1201هين ۽ اسلاميه يونيورسٽي آف بهاولپور 1401هين نمبر تي رهي. عالمي درجا بندي جي مٿين 10 بهترين يونيورسٽين ۾، آمريڪا جي ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (MIT) پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته امپيريل ڪاليج لنڊن ٻئي ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽي (آمريڪا) ٽئين نمبر تي آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي چوٿين، هارورڊ يونيورسٽي پنجين، ڪيمبرج يونيورسٽي (برطانيا) ڇهين، زيورخ ستين، نئشنل يونيورسٽي آف سنگاپور اٺين، UCL لنڊن نائين ۽ ڪيلفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (آمريڪا) ڏهين نمبر تي رهي.

  • سنڌ ۾ تعليمي شرح  58 مان گهٽجي 17 سيڪڙو ٿي وئي آهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي(رپورٽر) عوام پاڪستان پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تعليم تي 4000 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ شرح خواندگي گهٽجي رهي آهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾  اها شرح وڌي رهي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مفتاح اسماعيل چيو ته هي وقت آهي سوچڻ جو ته غريب عوام جي جان سستي ۽ بااثر ماڻهن جي قيمتي ڇو سمجهي وڃي ٿي؟ فيصلا هاڻ قانون تحت نه پر طاقتور ماڻهن جي مرضي موجب ٿي رهيا آهن. مفتاح اسماعيل سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي سوال ڪندي چيو ته ڪجهه مهينا اڳ جيڪي مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏنيون ويون، اڄ انهن مان هڪ به سندن هٿ ۾ ناهي. اهي فيصلا ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي رهيا آهن؟ قانون جي مٿان هلي فيصلا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان مسلم ليگ ن سان تڏهن لاڳاپو ختم ڪيو جڏهن ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو ڇڏي ڏنو ويو. مفتاح اسماعيل پ پ تي تنقيد ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪم نه پئي ڪري، نه شهرن ۾ ۽ نه ئي ڳوٺن ۾. صرف سنڌي ڳالهائيندڙن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪو کليل امتيازي رويو آهي. هن تعليم جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي ناڪامي جو ذڪر ڪندي چيو ته 17 سالن جي حڪمراني دوران تعليم جي شرح 58 سيڪڙو کان گهٽجي 17.5 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، 40 سيڪڙو ٻار ميٽرڪ کان اڳ اسڪول ڇڏين ٿا، 69 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ناهي، 42 سيڪڙو اسڪولن ۾ پاڻي ناهي ۽ 40 سيڪڙو ۾ واش روم موجود ناهن. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي دستياب ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.