آءِ ايم ايف شرط تحت گئس اگهن ۾ 50 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مطالبن تي عمل ڪندي گئس جي اگهن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب، وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پهرين جولاءِ کان سڀني صارفين لاءِ گئس جي مقرر اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. غير گهريلو صارفين لاءِ گئس جي قيمت ۾ 29 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد 72 ارب رپيا اضافي طور گڏ ڪرڻ آهي. جمعي تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيل اي سي سي  جي اجلاس ۾ 856 ارب رپين جي ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪميٽي کنڊ جي درآمد بابت فيصلي تي نه پهتي ۽ هن معاملي کي قومي خوراڪ تحفظ ۽ تحقيق واري وزير جي سربراهيءَ ۾ هڪ سياسي ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. مالي سال 2025-26 لاءِ گئس جي نون اگهن بابت سمري پيٽروليم ڊويزن پيش ڪئي. وزارت محفوظ گهريلو صارفين لاءِ 56 سيڪڙو ۽ مقرر چارجز ۾ 37 سيڪڙو واڌ جي منظوري گهري هئي. تنهن هوندي، اي سي سي گھريلو صارفين لاءِ مقرر چارجز ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني ۽ ڪجهه بار وڏن صارفين، بجلي شعبي ۽ صنعت تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بجلي شعبي لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ سبب في يونٽ 0.12 رپيا واڌ جو اثر ٿيندو.محفوظ صارفين لاءِ مقرر چارجز 400 رپيا مان وڌائي 600 رپيا ڪئي وئي، جڏهن ته غير محفوظ گهريلو صارفين لاءِ اهي 1,000 رپين مان وڌائي 1,500 رپيا ڪيا ويا. اي سي سي محفوظ ۽ غير محفوظ گهريلو صارفين لاءِ هڪ سليب فائدي کي به ختم ڪري ڇڏيو، هاڻ صارفين کان هر درجي جي پهرين شرح مطابق چارجز ورتا ويندا. واهپيدارن لاءِ گئس جا اگهه 9.5 سيڪڙو وڌائي 2,900 رپين مان 3,175 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪيا ويا. بجلي شعبي لاءِ اگهه 29 سيڪڙو وڌائي 1,050 مان 1,350 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪيا ويا، جيتوڻيڪ پيٽروليم ڊويزن 25 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي هئي. صنعتي (پروسيسنگ) صارفين لاءِ اگهه 9.3 سيڪڙو وڌائي 2,150 مان 2,350 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت جي بيان مطابق، اوگرا قانون تحت حڪومت کي اگهن ۾ تبديلي جو اطلاع اوگرا جي تعين جي 40 ڏينهن اندر ڏيڻ ضروري آهي، جيئن لاڳت جي وصولي ۽ قانوني گهرجون پوريون ٿين. بيان موجب، هي قدم آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل ڍانچي واري هدف سان مطابقت رکي ٿو، جنهن ۾ ڪيپٽو پاور ٽيرف جي معقوليت ۽ گهٽ آمدني وارن صارفين لاءِ سڌي امداد شامل آهي. اي سي سي جو چوڻ آهي ته گھريلو صارفين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ صرف مقرر چارجز ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، جيئن اثاثن جي قيمت وصول ڪري سگهجي. ڪميٽي صارفين، قدرتي گئس تي هلندڙ بجلي پلانٽن ۽ صنعت لاءِ سراسري طور 10 سيڪڙو واڌ جي اجازت ڏني. هي قدم مالي سال 2025-26 لاءِ اوگرا طرفان مقرر ڪيل 888.60 ارب رپين جي آمدني جي گهرج پوري ڪندو، جنهن ۾ ايس اين جي پي ايل لاءِ 534.46 ارب رپيا ۽ ايس ايس جي سي ايل لاءِ 354.20 ارب رپيا شامل آهن. اي سي سي طرفان گئس جي اگهن ۾ تبديليءَ جو مقصد اهو 41 ارب رپين جو خسارو پورو ڪرڻ آهي. پيٽروليم ڊويزن خبردار ڪيو ته حڪومت اڳ ۾ ئي آءِ ايم ايف سان ڪراس سبسڊي جي خاتمي ۽ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سڌي، بجيٽ مان امداد جي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي. اي سي سي مقامي مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ کنڊ جي درآمد تي به غور ڪيو، ۽ ان بابت وڌيڪ جائزي لاءِ 10 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. هي ڪميٽي خوراڪ تحفظ واري وزير جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندي، جنهن ۾ واپار جو وزير، خاص معاون براءِ پرڏيهي معاملن، ناڻي وارو سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻيا شامل هوندا، جيڪي پنهنجون سفارشون اي سي سي کي پيش ڪندا. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت طرفان ننڍن آبادگارن ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن لاءِ رسڪ ڪور اسڪيم جي اصولي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ مجموعي طور تي 856 ارب رپين جي 14 ضمني گرانٽن جي منظوري ڏني وئي. ان ۾ سڀ کان اهم گرانٽ 832 ارب رپيا ناڻي واري وزارت کي قرض جي واپسي لاءِ ڏني وئي، 15.84 ارب رپيا وزارت دفاع کي ملازمن جي پگهارن، واجبات جي ادائيگي ۽ ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ ۾ شهيد ٿيلن لاءِ وزيراعظم جي پيڪيج تحت ڏنا ويا، جڏهن ته اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن کي سپارڪو لاءِ 5.5 ارب رپين جي گرانٽ ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.